Sindhology (Activities)

ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ علامہ آءِ آءِ قاضي سينٽرل لائبريري سنڌ يونيورسٽي پاران مادر علمي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ٽن ڏينهن وارو ڪتابي ميلو شروع ٿي ويو آهي. ڪتابي ميلي جو افتتاح پ پ اڳواڻ سينيٽر عاجز ڌامراهه، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کنڀاٽي، سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر مرتضيٰ سيال ۽ علامه آئي آئي قاضي سينٽرل لائبريري جي انچارج لائبريرين پير بخش بجير گڏجي ڪيو. ڪتابي ميلي ۾ ملڪ جي مشھور پبلشرن پاران 50 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا آهن. ڪتابن کي 40 کان 80 سيڪڙو رعايت سان وڪرو ڪيو پيو وڃي، ڪتابي ميلي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ سميت لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، مهراڻ يونيورسٽي، شهيد الله بخش سومرو يونيورسٽي ۽ ڀرپاسي جي اسڪولن ۾ پڙهندڙ شاگردن، شاگردياڻين ۽ ادب دوست ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ پنهنجي پسند جا ڪتاب خريد ڪيا. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي سينيٽر عاجز ڌامراهه چيو ته هتي سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪتابي ميلو لڳائڻ سٺو عمل آهي، آئون به ماضي ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جو شاگرد رهيو آهيان، اڄ هن ڪتابي ميلي ۾ ڪتاب خريد ڪيا آهن جنهن سان مون کي پنهنجي شاگردي وارو دور ياد اچي ويو آهي. سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر خليل الرحمان کنڀاٽي خطاب ڪندي چيو ته شاندار ڪتابي ميلي جو مقصد شاگردن، استادن ۽ عام ماڻھن ۾ علمي شعور، تعليمي سرگرمين ۽ مطالعي جي ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ آهي، هن ڪتابي ميلي مان نہ رڳو يونيورسٽين جا شاگرد، استاد پر ٻيا ادارا ۽ عام ماڻھو به فائدو وٺي سگهندا. وائيس چانسيلر اعلان ڪيو ته سنڌ يونيورسٽي جي ٻين ڪيمپس ۾ پڻ هن قسم جا ڪتابي ميلا لڳايا ويندا.

انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر مرتضيٰ سيال چيو ته هن ڪتابي ميلي لڳائڻ جو مقصد يونيورسٽي جي شاگردن شاگردياڻين، استادن، ملازمن توڙي عام ماڻھن ۾ ڪتابن سان چاھ پيدا ڪرڻ هو، اڄ پهرين ڏينھن تي ايڏي وڏي شرڪت ڏسي اتساهه پيدا ٿيو آهي ته اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ويا آهيون، هتي مشهور پبلشرن طرفان 50 کان وڌيڪ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا آهن، هن چيو ته سوشل ميڊيا جي هن دور ۾ به ڪتابن جي پنهنجي اهميت آهي. ڪتابي ميلي ۾ هر عمر ۽ هر طبقي جي ماڻھن خاص ڪري شاگردن جي دلچسپي ڏسي اهو يقين ٿي ويو آهي ته نوجوان توڙي عام پڙهندڙ ڪتابن سان چاه رکن ٿا. هن وڌيڪ چيو تہ هي علمي ادبي ڪتابي ميلو انھن ماڻھن لاءِ بھترين مثال آهي جيڪي چوندا رهيا آهن تہ ڪتاب ڪير ٿو پڙهي. علامه آئي آئي سينٽرل لائبريري جي انچارج پير بخش بجير جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ڪتابي ميلي جي انعقاد ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کنڀاٽي جي همٿاءُ جو وڏو هٿ آهي. هتي ڪتابي ميلي ۾ خريدارن کي 20 کان 60 سيڪڙي تائين رعايت سان ڪتاب ملي رهيا آهن، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن توڙي عام ماڻهن کي هن ڪتابي ميلي مان فائدو حاصل ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽي مين ڪيمپس جو پرو وائيس چانسلر ڊاڪٽر عبدالستار شاھ، رجسٽرار ڊاڪٽر مشتاق احمد ڄاريڪو، ٺٽو ڪيمپس جي پي وي سي ڊاڪٽر مصباح بيبي قريشي توڙي مختلف فيڪلٽين جا ڊين، مختلف شعبن جا سربراهن، فيڪلٽي ميمبر توڙي آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. (26 فيبروري 2025ع)

مادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي تي ريسرچ لائبريري سنڌالاجي لاءِ سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين ۾ شايع ٿيل ڪتابن جو تحفو

امادري ٻولين جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ڊاڪٽر خاقان حيدر غازي ڊائريڪٽر پروگرام، پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لينگوئيج، آرٽ اينڊ ڪلچر، حڪومت پنجاب (پلاڪ) طرفان ٻارڙن لاءِ ڇپرايل سرائڪي ۽ پنجابي ڪھاڻين جو سيٽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ريسرچ لائبريري لاءِ مرتضيٰ سيال ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي کي ڏنو. هن موقعي تي ڊائريڪٽر سنڌالاجي پلاڪ جي ڊائريڪٽر جنرل بينش فاطمہ، ڊاڪٽر خاقان حيدر غازي ۽ اداري طرفان سرائڪي ۽ پنجابي ٻولين توڙي ادب جي ترقي وارين ڪوششن کي ساراهيندي چيو تہ هن ملڪ ۾ ڳالهائجندڙ سڀئي مادري ٻوليون اسان جون قومي ٻوليون آهن، اسان جو فرض آهي تہ سڀني مادري ٻولين جي واڌ ويجهه ۽ ترقيءَ لاءِ پنھنجو ڪردار ادا ڪيون. پنجاب انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج، آرٽ اينڊ ڪلچر ۽ انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي سربراهن سنڌ ۽ پنجاب جي اديبن، شاعرن ۽ ٻوليءَ لاءِ ڪم ڪندڙن کي ويجهو آڻڻ ۽ ان سلسلي ۾ گڏيل پروگرام ترتيب ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.