University of Sindh, Jamshoro

Quality Policy in Sindhi

سنڌ يونيورسٽي - معيار جي حڪمت عملي

سنڌ يونيورسٽي معياري تعليم ۽ تحقيق جي حاصلات لاءِ هڪ منظم حڪمت عملي جوڙي آهي، جنهن جي ذريعي يونيورسٽيءَ جي اعليٰ اداري واري حيثيت کي بهتر بنائڻ لاءِ پيش رفت جو عمل مسلسل جاري رهي ٿو ته جيئن ملڪ توڙي ٻاهرين دنيا جي يونيورسٽين جي مناسبت سان تخليق، نواڻ ۽ معيار ۾ سنڌ يونيورسٽي پنهنجي منفرد شان ۽ حُسن سان عملي طور ترقيءَ جو سفر طئي ڪندي رهي. سنڌ يونيورسٽي قومي تعمير ۽ ترقيءِ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ خاطر، زندگي ۽ عمل جي سڀني بنيادي شعبن بشمول سائنس، ٽيڪنالاجي، مينيجمينٽ ۽ سماجي سائنس جي علمن جي تعليم ڏئي ٿي ۽ انهن سڀني علمن ۾ مسلسل تحقيق پڻ ڪرائي ٿي، جنهن مان حاصل ٿيندڙ نئين معلومات، علم ۾ واڌاري آڻڻ سان گڏ، سماجي افاديت ۽ قومي تعمير جو ذريعو پڻ بڻجي ٿي. تنهنڪري يونيورسٽي هميشه تعليم، تحقيق ۽ دريافت جا موقعا فراهم ڪرڻ کي اهميت ڏئي ٿي ته جيئن فرد، قوم ۽ نظام جي ارتقا مڪمل ۽ ڪامل صورت ۾ ٿيندي رهي. جنهن سان ئي سماج ۽ نظام جو لاڳاپو مثبت، صحتمند ۽ باوقار صورت ۾ قائم ۽ برقرار رهي سگهي ٿو. سنڌ يونيورسٽي، سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارن، تحقيقي مرڪزن ۽ سماجي تنظيمن سان پنهنجا نصابي ۽ پيشيور اڻا لاڳاپا جوڙي، نوجوانن کي تعليم ۽ تحقيق ۾ سگهارو بڻائڻ گهري ٿي ته جيئن قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي بني نوع انسان جي فلاح، ترقي ۽ سلامتيءَ جو مقصد حاصل ڪري سگهجي.

يونيورسٽيءَ جي معيار جي حڪمت عمليءَ جو مقصد اسان کي ان لائق بڻائڻ آهي ته، جيئن: • تعليم ۽ تحقيق جي افاديت مقرر معيارن مطابق حاصل ٿيندي رهي ۽ معيارن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جو عمل سدا جاري رکجي. • مارڪيٽ ۽ ڪارخانن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو اهڙو مستقل نظام قائم ڪجي، جنهن سان صارفين جو اعتماد به پيدا ٿيندو رهي ته شاگردن لاءِ روزگار جا موقعا به حاصل ٿيندا رهن. • لاڳاپيل ڌرين جي موٽ ۽ راين جي روشنيءَ ۾ ڪارڪردگي بهتر بڻائڻ جو عمل جاري رکجي. • تعليم ۽ تحقيق جي اعليٰ افاديت - نصابي، هم نصابي، غير نصابي ۽ سماجي تهذيب جي لاڳاپي تحت فراهم ٿيندي رهي. • آءِ.سي.ٽي (ICT) جي بهترين نظام ۽ خدمت جو عمل جاري رکيو وڃي.