Dr. Nazir A. Mughal takes over the charge of Vice Chancellor, University of Sindh.
ڄامشورو(ن ڪ) سنڌ يونيورسٽي جي نئين وائيس
چانسلر ڊاڪٽر نذير مغل پنهنجي ذميواري سنڀالي ورتي، ڪالهه صبح جو سنڌ يونيورسٽي
پهچي مظهر الحق صديقي کان چارج ورتي، جڏهن ته چارج وٺڻ کانپوءِ ڊاڪٽر نذير مغل ۽
مظھر الحق صديقي گڏجي يونيورسٽي جي باني وائيس چانسلر علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار
تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙھيون، فاتحه پڙھي ۽ دعا گھري، سنڌ يونيورسٽي جي
نئين وائيس چانسلر ڊاڪٽر نذير مغل سان يونيورسٽي جي استادن ۽ ملازمن وڏي تعداد ۾
ملاقات ڪئي ۽ سندس مقرري جي آجيان ڪئي، سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر سان سندس
آفيس ۾ ڊاڪٽر ممتاز ڀٽو، ڊاڪٽر اسد لاڙڪ، ڊاڪٽر انور علي شاهه، ڊاڪٽر عبدالاحد ابڙو،
پروفيسر محمد يوسف پرديسي، ڊاڪٽر اقبال احمد پنھور، پروفيسر الهه وسايو راڄڙ، ڊاڪٽر
گلشن آرا سھتو، ڊاڪٽر محمد طاھر راجپوت، ڊاڪٽر تنوير جوڻيجو، مس امر سنڌو، ڊاڪٽر
امداد علي اسماعيلي، پروفيسر بدر سومرو ۽ ٻين ملاقات ڪئي، ان موقعي تي ڊاڪٽر نذير
مغل چيو ته سندس اوليت ھوندي ته استادن ملازمن ۽ شاگردن ۾ اتحاد رھي، ريسرچ ڪلچر
پيدا ٿئي، ريسرچ ۽ تعليم جو معيار وڌي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي ڊگري کي مڃتا حاصل ٿئي،
ڊاڪٽر نذير مغل چيو ته لبرل سائنس جا مضمون معاشري جا بنياد آھن، ھوڏانھن سنڌ
يونيورسٽي ٽيچرس ايسوسيئيشن جي ايڪٽنگ صدر پروفيسر گلشن آرا سھتو جاري ڪيل ھڪ بيان
۾ سوٽا پاران ڊاڪٽر نذير مغل جي بطور وائيس چانسلر مقرري جي آجيان ڪئي آھي
January 9th, 2010 at 4:12 pm
Congratlations.
January 26th, 2010 at 10:48 am
Dear Sir Many Many congratulation