Archive for November, 2009

Digitalization of Sindhology

Sunday, November 8th, 2009


سنڌالاجي جي آڊيو، وڊيو ۽ لائبريري کي ڊجيٽلائيزڊ ڪرڻ جو
فيصلو


حيدرآباد (رپورٽ: فقير سليم) سنڌالاجي جي آڊيو، وڊيوئل سيڪشن ۽ ريسرچ لائبريري کي
ڊجيٽلائيزڊ ڪرڻ جو فيصلو، برک اديب ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لوڪ ادب تي مهيني ۾ ٻه ڀيرا
ليڪچر ڏيڻ جي ذميواري قبولي ورتي، مليل ڄاڻ موجب انسٽيٽيوٽ آَف سنڌالاجي جي
صلاحڪاري بورڊ جو اجلاس ڪالهه سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر مظهر الحق صديقي جي
صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي هڪ  وڏي اشاعتي اداري جي مالڪ حميد هارون تيار ڪيل
ڊرافٽ پيش ڪندي آڇ ڪئي ته سندس ادارو سنڌالاجي جو سمورو رڪارڊ خاص طور تي نفشن،
ميوزڪ، ڪتابن ۽ ٻئي مواد کي ڊجيٽلائيزڊ ڪرڻ لاءِ تيار آهي،  اجلاس ۾ سنڌالاجي جي
آڊيٽوريم جي مرمت  ڪرائڻ تي پڻ غور ڪيو ويو، ان  کانسواءِ  سنڌ جي تاريخ تي تحقيق
ڪرڻ لاءِ 40  رڪني ڪاميٽي جوڙي وئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر سال چئن شاگردن کي
اسڪالر شپ ڏئي  پرڏيهه موڪليو ويندو،  اجلاس ۾  ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي لکيل لوڪ ادب
جي ڪتابن کي ٻيهر ڇپرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ لوڪ ادب  تي ليڪچر سيريز شروع
ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، جنهن کي آڊيو ۽ وڊيو ذريعي رڪارڊ ڪيو  ويندو، اجلاس ۾
ملازمن جي کوٽ ۽ عملي جي ترقين تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو، اجلاس ۾  سنڌالاجيڪل ريسرچ
جنرل لاءِ نئون بورڊ جوڙيو ويو، اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته سنڌالاجي جو سمورو 
رڪارڊ ۽ مواد ٽن مهينن اندر سهيڙي مڪمل ڪيو ويندو، آڊيو وڊيوئل سيڪشن جي  اڻپوري
رڪارڊ جي پورائي ۽ ان جي ڪم ڪار  جي نگراني لاءِ محمود مغل جي سربراهي ۾ ڪاميٽي
جوڙي وئي، جڏهن ته محمد ابراهيم جويي جي سنڌ  جي تاريخي تحقيق بابت  تيار ڪيل ڊرافٽ
تي به غور ڪرڻ  جو فيصلو ڪيو ويو، سنڌالاجي جي ڊائريڪٽر عبدالحميد آخوند اجلاس بابت
ڪاوش کي ٻڌايو ته  اجلاس ۾ سنڌالاجي کي عالمي سطح تي متعارف ڪرائڻ لاءِ  تجويزون
ڏنيون ويون، هن چيو ته آئون موجوده ميوزڪ اسڪول مان مطمئن ناهيان، انهي ۾ تبديليون
آڻينداسين، واضح رهي ته سنڌالاجي جي صلاحڪاري بورڊ جو اجلاس ستن سالن کانپوءِ ٿيو،
اڳ ۾ بورڊ جو آخري اجلاس 17 آگسٽ 2002ع ۾ ٿيو هو.

Share