سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي لاڙڪاڻو، ميرپورخاص، دادو ۽ ٺٽو ڪئمپس ۾ تعليمي سال 2018ع تحت ماسٽر ڊگري پروگرامز ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ 874 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 2522 اميدوارن شرڪت ڪئي. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران ڄامشوري ۾ علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس تي واقع آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ، انسٽيٽيوٽ آف ميڊيا اينڊ ڪميونيڪيشن اسٽڊيز ۽ انسٽيٽيوٽ انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ انٽري ٽيسٽ ورتي ويئي، جنهن ۾ 842 عورت ۽ 1513 مرد اميدوارن پنهنجي پسنديده شعبن ۾ داخلائن لاءِ قسمت آزمائي، جڏهن ته 66 اميدوار غير حاضر رهيا. اهڙيءَ طرح سنڌ يونيورسٽي لاڙڪاڻي ڪئمپس ۾ 17 فيميل ۽ 44 ميل اميدوارن ٽيسٽ ڏني، جڏهن ته 4 غير حاضر رهيا. سنڌ يونيورسٽي ميرپورخاص ڪئمپس ۾ 5 شاگردياڻين سميت 17 اميدوارن داخلائن لاءِ پنهنجو ڀاڳ آزمايو، جڏهن ته هڪ اميدوار غير حاضر رهيو. دادو ڪئمپس ۾ 6 شاگردياڻين سميت 43 اميدوارن داخلا لاءِ مشروط امتحان ۾ بهرو ورتو، جڏهن ته 3 اميدوار غير حاضري رهيا. ٺٽو ڪئپس ۾ 4 فيميل ۽ 18 ميل اميدوارن ٽيسٽ ڏني، جڏهن ته هڪ غير حاضر رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي مک ڪئمپس تي ٽيسٽ پنهنجي مقرر ڪيل وقت تي ڏهين وڳي شروع ٿي. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت امتحاني مرڪزن جو دؤرو ڪيو ۽ انٽري ٽيسٽ پُرامن انداز ۾ ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هوڏانهن انٽري ٽيسٽ کان اڳ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت حيدرآباد، ڪوٽڙي ۽ ڄامشوري کان ڪوريج لاءِ آيل صحافين سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر برفت صحافين کي يونيورسٽيءَ جي خوشگوار ماحول، داخلا سيٽن ۽ داخلا لاءِ درخواستون ڏيندڙ اميدوارن جي تفصيل بابت آگاهي ڏني. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي ملڪ جي پراڻي ۽ وڏي سرڪاري يونيورسٽي آهي، جنهن ۾ شاگردن کي ڀرپور تعليمي ۽ تحقيقي موقعا ميسر ڪيا پيا وڃن. هن چيو ته شاگردياڻين لاءِ يونيورسٽيءَ جو ماحول انتهائي خوشگوار آهي. هن چيو ته مائٽ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪن ته سندن نياڻيون يونيورسٽين ۾ پهچن ۽ اعليٰ تعليم حاصل ڪري پنهنجي ڪٽنب، ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن. هن چيو ته تعليم کان سواءِ ترقي ممڪن ناهي. جڏهن ته معياري تعليم سان ئي معاشري ۾ موجود مدي خارج رسمن جو خاتمو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته والدين ٻار پڙهائين ته جيئن صحتمند معاشري جي جوڙجڪ ڪري سگهجي. وائيس چانسلر سان گڏ رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر محمد سليم چانڊيو، مختلف فئڪلٽين جي ڊين صاحبان، انتظامي توڙي تدريسي شعبن جي سربراهن، ڊائريڪٽر ايڊميشنز عبدالمجيد پنهور، انائونسمينٽ ڪميٽيءَ جو ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر منيرالدين سومرو، ڊاڪٽر محمودالحسن مغل، ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر امير علي ابڙو، ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.  ڊائريڪٽوريٽ آف ايڊميشنز پاران اميدوارن جي سهولت لاءِ علامه آءِ آءِ قاضي جامع مسجد ۽ امتحاني سينٽرن تي هيلپ ڊيسڪون پڻ قائم ڪيون ويون هيون، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي مِني هاسپيٽل پاران اميدوارن کي هنگامي طبي سهوليت مهيا ڪرڻ لاءِ مختلف جڳهين تي طبي ڪئمپون پڻ قائم ڪيون ويون هيون ۽ ايمبولينسن جي موجودگيءَ کي پڻ يقيني بڻايو ويو هو. ٽيسٽ جي اختتام تي شاگردن توڙي سندن والدين سنڌ يونيورسٽي انتظاميا پاران ٽيسٽ جي سلسلي ۾ ڪيل انتظامن جي ساراهه ڪندي اطمينان جو اظهار ڪيو. سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽنگ سينٽر پاران ٽيسٽ جو نتيجو ساڳئي ڏينهن رات جو 9 وڳي تائين سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيشل ويب سائيٽ تي جاري ڪيو ويندو. ٻئي طرف مختلف ڪئمپسز ۾ انٽري ٽيسٽ دؤران لاڳاپيل پي وي سيز موجود هئا.