سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو طرفان اڱارو 31 آڪٽوبر 2017ع تي صبح جو ڏهين وڳي علامه  آءِ.آءِ قاضي جي مزار کان سينٽرل لائبريري تائين “سنڌ يونيورسٽي سيف يونيورسٽي” جي عنوان سان ريلي ڪڍي ويندي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي اڳواڻيءَ ۾ نڪرندڙ هن ريليءَ ۾ مادر علمي ۾ پڙهندڙ نياڻيون شامل ٿينديون. هن ريليءَ جو مقصد سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ توڙي مستقبل ۾ پڙهڻ لاءِ ايندڙ شاگردياڻين ۽ خصوصي طور انهن والدين کي اهو يقين ڏيارڻ آهي ته سنڌ يونيورسٽي نياڻين لاءِ هر لحاظ کان هڪ محفوظ يونيورسٽي آهي، اهي مڪمل اعتماد ۽ بنا ڪنهن اوني جي پنهنجي نياڻين کي سنڌ يونيورسٽي موڪلي يونيورسٽيءَ تي پنهنجو گذريل 70 سالن کان قائم اعتماد بحال رکندي يونيورسٽي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻائين.